ليکڪ عقيل عباسي
صحتمند سرگرمين لاءِ ضروري آهي ته هرهڪ تعليمي اداري جي شاگردن کي اوليت جي بنياد تي اسٽڊي ٽوئر( مطالعاتي دورو) ڪرايو وڃي. جيئن سڌريل ترقي يافته ملڪن اندر سرڪاري سطح پنهنجي ملڪن جي معمارن جي لاءِ انتهائي حساس ۽ ٻارڙن جي نشونما جي حوالي سان احتياط ڪندڙ هوندا آهن. جنهن ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي مطالعاتي دوري ذريعي پريڪٽيڪلي عملي طور تي مختلفنت نين ۽ قديم شين کان معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ اتان جي حڪومت قدم کڻندي رهي ٿي ڇاڪاڻ ته بهترين ماحول جيستائين اسان پنهنجي اولاد شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فراهم نه ڪنداسين ته پوءِ انهن کي نت نين ايجادات جي ڪيئن خبر معلومات ميسر ٿي سگهن ٿيون.

بنيادي طور پنهنجي ملڪ ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي آهي صوبا آهن جنهن ۾ اڪثر تعليمي ادارن جي شاگردن ۽شاگردياڻين کي تقريبا هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن تاريخي ماڳ، تفريح جڳهه ڏانهن سير سفر ڪرائڻ لاءِ ٽيچرس وٺي وڃن ٿا. جنهن ڪري اتان جي تعليم ملڪ جي ٻين صوبن کان وڌيڪ اثرائتي ۽ وڌيڪ سمجهي ۽ مڃي وڃي ٿي. باقي اسان جي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ اڪثر تعليمي ادارن جي انتظاميا خوامخواه ۽ هروڀرو خوف، ڊپ ۽ فضول ڳالهين سبب گلن جهڙن ٻارڙنکي پنهنجي ملڪ جي هڪ کان هڪ ناياب، شاندار، تاريخي ماڳن سميت ٻين جاين جي سير سفر ڏانهن نه گهمائي بهانا بڻايا ٿا وڃن. جڏهن ته اڳ ۾ اسان جي سنڌ جا شاگرد ۽ شاگردياڻين کي نه صرف سنڌ جي ماڳن مقامن جو سير تفريح ڪرايو ويندو هيو پرسنڌ جي شاگردن کي خيبرپختونخواه ۽ پنجاب صوبن ڏانهن به تفريحي ڪرائي ويندي هئي. هاڻي هروڀرو امن و امان جو بهانو بڻائي حڪومت سنڌ، ضلع انتظاميہ اهي شاگردن جا اسٽڊي ٽوئر (مطالعاتي دوري ) جا ڪروڙين رپيا بجيٽ به هڙپ ڪري رهي آهي. سير و تفريحي جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي ڪوثر مل اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ هيڊ ماستر افتخار علي سانڊاڻو، صابر علي چانڊيوسميت ٻيا اسڪول جي عملي پاران دنيا جي قديم ترين تاريخي آثارن موئن جو دڙو، ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٻين هنڌن جي سير لاءِ استاد ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻيون اسڪول ۾ گڏ ٿين ٿا، بس ۾ روانگي ٿيڻ شرط بسم الله الرحمان الرحيم ، الصلوات و السلام عليڪ ياسيدي يارسول الله درود و سلام پڙهايو وڃي ٿو ۽ پوءِ مسافري جي دعا پڙهائي وڃي ٿي ۽ پوءِ شاگرد انتهائي خوشي ۾ ڀرپور ڪچهرين حال احوال هڪ ٻئي وٺندي ڏاڍو خوش و خرم نظر اچي رهيا آهن ۽ گلاب جي گلن جيان ٽڙي رهيا آهن ۽ هر هڪ جي چهري تي رونقون ڇانيل آهن. ڇاڪاڻ ته پنهنجي علائقن جي غريب ماڻهن کي ڪٿي وقت آهي جو اهي پنهنجي اولاد کي وڃي سير تفريح لاءِ وٺي وڃن. سنڌ جو ماڻهو معاشري طرح پوئتي پيل آهن ۽ انهن غريب مسڪين ماڻهن جو به ڏوهه ناهي ڪمائڻ وارو هڪ ۽ کائڻ وارا ڏهه هجن ته پوءِ مسئلا هوندا. تنهن ڪري جس آهي ڪجهه ساڃاه وند استادن کي جيڪي اجتماعي سوچ تحت قومي فرض کان غافل ناهن ۽ پنهنجي معاشري ۾ شاگردن کي پنهنجي اولاد وانگر سير تفريح لاءِ ڪوششون جاري رکندي اسٽڊي ٽوئر ڪرائين ٿا. شاگرد پنهنجي لاڙڪاڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندا. خيرپور ميرس ڏانهن ويندڙ اوٺا چوڪ ڪراس ڪندي نعرا لڳي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح باقراڻي، آريجا، ڏوڪري روڊ کان ٿيندا موئن جو دڙو ڀرسان ڪيڊٽ ڪاليج وٽ پهچون ٿا ته انهيءَ ملڪ جي بهترين ۽ سٺا آرمي فوجي آفيسر پيدا ڪندڙ ڪيڊٽ ڪاليج جي مرڪزي گيٽ وٽ رنگ برنگي سهڻا سهڻا گل آيل هر مهمانن جو ڄڻ ته استقبال ڪن ٿا ۽ سامهون ڏسون ٿا ته سنڌ جي عظيم اسڪالر علامه آءُ آء قاضي جنهن سنڌ جي عظيم فرزند دنيا جي ٻين ملڪن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي “شاهه جو رسالو” جو ترجمو ڪيو ۽ سندس گهر واري محترمه ايلسا قاضي پڻ سنڌي لٽريچر تي وڏو ڪم ڪري سنڌ جي حقيقي معني ۾ خدمت ڪئي آهي.

انهي جي نالي سان منسوب علامه آء آء قاضي مينار علم ٽاور ۽ اتي ڀٽائيءَ سرڪار جو روضو مبارڪ ۽ سندن جو اهو شعر لکيل هيو ته “اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار، اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا. ۽ سامهون ئي اهڙي طرح سان تصور پاڪستان پيش ڪندڙ عاشق رسول ﷺ شاعر علامہ محمد اقبال جو فوٽو ۽ شعر” ڪي محمدﷺ سي وفا تون ني، تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا لوهه و قلم تيري هين”.ته انهيءَ اداري ۾ وڃون ٿا ته انهيءَ ڪيڊٽ ڪاليج جو ڪيئرٽيڪر مسٽر موني سردار آيل شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن کي ويلڪم ڀليڪار ڪندي آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي ئي انهيءَ اداري جو لائبريرين اسسٽنٽ مسٽر ڪاشف ميمڻ، ارسلان احمد پڻ خوش اصلوبي سان ملاقات ڪري لائبريري ۾ موجود سيرت آقاء دوجهان رحمت عالميانﷺ، شاهه لطيف، علامه اقبال، سنڌ جي عظيم ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو پاران ڀٽو خاندان جي سياسي، سماجي خدمتن تي مشتمل گيلري به ڏيکاري وڃي ٿي. جڏهن ته انهيءَ لائبريري ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي، اردو، عربي ۽ انگلش ڪتابن جو هڪ وڏو تعداد ڏسڻ لاءِ ٻارن کي مليو، جنهن کان پوءِ اسٽڊي ٽوئر تي آيل شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن کي ڪيڊٽ ڪاليج جي آڊيٽوريم هال ۾ اسڪول جي ٻارڙن مدثر علي ڀرچوندي لطيف سرڪار جي عنوان هيٺ بهترين تقرير ڪئي، وقار ڊومڪي، بلال احمد بروهي سنڌي بلوچي جهمر هنئي ۽ چاهت نادر، مرسلين ۽ فرحت فاطمه ڊومڪي زبردست انداز ۾ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم پڙهي محفل کي راحت بخشي، جنهن تي انهن کي خوب داد ٻارڙن ڏنو ۽ انهي موقعي تي هيڊ ماستر پاران بهترين ڪارڪردگي تي اسڪول ۾ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. استاد شاگردن کي صبح سان سوير اٿي وضو ڪري پهريائين نماز، قرآن شريف پڙهڻ لاءِ چون ٿا ۽ پوء ٻين ڪمن ڪارين جي شروعات ڪئي وڃي ته الله پاڪ جي طرفان تمام گهڻيون مهربانيون، رحمتون ۽ ڪرم نوازيون ٿينديون رهن ٿيون. پوءِ شاگرد ڪيڊٽ ڪاليج جي مختلف حصن ۾ فوٽو گرافري ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، شاگردن مطابق اسان اڄ ڄڻ ڪيڊٽ ڪاليج نه پر اسلام آباد ۽ ڪوهه مري ڏسي رهيا آهيون ۽ انهن اتان جي جامع صحابي رسول الله ﷺ، حضرت سيدنا بلال حبشي رضي الله تعالي عنه، شاگردن جي ڪينٽين، رکيل ميزائيل جو ڏيک ، بيٺل وڏا جهاز سميت مستقبل جي معمارن ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن سان گڏجي اسڪول جا شاگرد فوٽو ڪڍرائيندا رهيا ۽ پوءِ ٻي منزل موئن جو دڙو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جتان هفتي ۾ صرف ٻه اڏامون ٿين ٿيون جڏھن اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه انهيءَ ايئرپورٽ کي انٽرنيشنل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون هيون پر موجودهه وفاقي حڪومت انٽر نيشنل ايئر پورٽ جي بدتر حالت بڻائي ڇڏي آهي ۽ فلائيٽون نه هلي رهيون آهن، ايئر پرٽ ويران لڳو پيو آهي، جنهن ڪري هن تاريخي موئن جو دڙو ايئرپورٽ جي بي حسي سامهون آيل آهي.ايئرپورٽ انتظاميه اسڪول جي شاگردن کي بهتر نموني مطالعاتي دورو ڪرائي بجاءِ ٻيو دفعو بغير ڪنهن جواز جي ائين ئي واپس ڪرائي ڇڏيو جنهن ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمام گهڻي مايوسي ۽ تڪليف پهتي،جنهن کانپوءِ سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جي مرڪزي گيٽ وٽ پهچون ٿا ته ناجائز ٽڪيٽون وڪرو ڪندڙ عملو ٽڪيٽن جي نالي ۾ ڦر لٽ ڪرڻ شروع ڪن ٿا، اهڙي طرح اهي غير قانوني ٽڪيٽن جا هزارين رپيا ٺيڪيدارن جي نالي ۾ وصول ڪيا وڃن ٿا. موئن جو دڙو وٽ اسٽوپا، ايل ڪي ايريا، گريٽ باٿ ۽ مختلف قديم آثارن ڏسڻ بعد شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏاڍو لطف ۽ مزو اچي ٿو. وري جڏهن ميوزيم پهچن ٿا ته اتي ٻارڙا قديم آثارن کي ڏسي وڏي معلومات حاصل ڪن ٿا ۽ انهن کي اسٽڊي ٽوئر گائيڊ ڪندڙ ۽ سموري پروگرام جو روح روان محترم استاد صاحب جيڪو هرهڪ شاگرد ۽ شاگردياڻي کي پنهنجي ڪوششين سان وک وک تي سموري تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جيڪا پنج هزار سال قديم سنڌ جو ورثي جي باري ۾ ۽ جڏهن ماڻهن وٽ رڌ پچاءَ لاءِ ماچيس جي تيلي ٻارڻ جي به تميز نه هئي انهيءَ دور ۾ به سنڌ هڪ شاهوڪار خطو هيو ۽ سنڌو درياهه ذريعي ٻيڙين رستي ڪاروبار واپار هلندو هيو ۽ انهي موئن جو دڙو کي نه سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ئي نه پر سموري دنيا کان سياحت سان دلچسپي رکندڙ سياح ڊالر ۽ پونڊ خرچ ڪري هڪ اهم ترين دنيا جي شاهوڪار جڳهه جي اهميت کان واقفيت حاصل ڪن ٿا.

انهيءَ سلسلي ۾ اسڪول جون شاگردياڻيون ارم گوپانگ، ماريه گوپانگ، مسڪان صابر ڊومڪي، ام رباب اياز ، مسڪان تنيو، فرحت فاطمه ، نرجس خاتون، چاهت نادر، عليشا تنيو، عظميٰ ڊومڪي، ام ڪلثوم، آسيه گوپانگ، شمشاد کهڙو، فضه مغيري،مرسلين ڊومڪي، راشدهه، نجمه سومرو، اقراءَ بروهي ، حاجاڻي جتوئي ۽ ٻيا اسڪولي ٻارڙا خوب انجواءِ ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ هي سير و تفريح هڪ يادگار بڻجي وڃي ٿي، اهڙي طرح شاگرد ۽ شاگردياڻيون منجهند جي ماني کائين ٿا ۽ پوءِ جهولا پينگها ۽ چيڪلا آهن اتي ٻارڙا کيڏي رهيا آهن، هيڏي وڏي تفريحي ماڳ وٽ پيئڻ جي پاڻي جي ڪا به سهولت ناهي، باقي ٻارڙن کي اتي فري ۾ مليل سهولت رڳو جهولن چيڪلن جي آهي جنهن ۾ ٻارڙا ڏاڍو لطف اندوز ٿيڻ ٿا. ايتريقدر جو پنج هزار قديم آثارن واري موئن جو دڙو جي ميوزيم ۾ ڏينهن جو به رات جهڙو انڌيرو هيو ۽ اتي ڪا به روشنيءَ لاءِ سولر سسٽم وغيره نہ هجڻ ڪري پري پري کان ايندڙ سياح پنهنجي موبائل فونن جي ٽارچون هلائي قديم آثارن جي واقفيت حاصل ڪري رهيا هئا. انهيءَ لاءِ سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت جي کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کي گهرجي ته اهي دنيا جي هن عظيم ورثي کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ ۽ سير و تفريح ڪندڙن کي اتي خاص ڪري ٻارن لاءِ اڃان به وڌيڪ پارڪن، باغن ۾ گل ٻوٽا، جهولا، خاص ڪري ريسٽورنٽ هوٽل ۽ ٿڌي پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب ڪرائڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. اهڙي طرح شام جو تقريبن چار وڳي ڌارا پنهنجي شهر لاڙڪاڻي ۾ خير سان واپس پهچن ٿا.










