اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري حڪومت مخالف اتحاد اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن صلاح مشوري سان پنهنجا اختلاف حل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري اختلافن کي منهن ڏيڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان کي پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس 3 اپريل تي طلب ڪرڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف جي معاملن تي پڻ بحث ڪيو ، ٻنهي اڳواڻن سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني جي شڪست جي معاملي تي جلد عدالت سان رجوع ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.ذريعن موجب ، مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري کي به اختلافي معاملا نه کولڻ جي درخواست ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري سان رابطو ڪرڻ بعد نواز شريف سان رابطو ڪيو.ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ اتفاق ڪيو ويو هو ته پي ڊي ايم استعيفيٰ جي مسئلي تي پيپلز پارٽي جي فيصلي جو انتظار ڪندي ، جيڪڏهن پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ شامل نه ٿي ته پوءِ ٻيون پارٽيون پنهنجي جي حڪمت عملي جاري رکنديون.
مشهور خبرون










