اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ گوادر حق دو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت مولانا هدايت الرحمان جي ساڍا 2 لک جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.مولانا هدايت قتل، قتل جي ڪوشش ۽ تشدد تي اکسائڻ جي ڪيس ۾ جنوري کان جيل ۾ آهي.ٻئي طرف امير جماعت اسلامي سراج الحق مولانا هدايت الرحمان جي ضمانت تي عدالت جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته اسان کي سپريم ڪورٽ جي دوري تي انصاف مليو آهي، جنهن تي اسان عدالت جا ٿورائتا آهيون.










