اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان ڪير ٿيندوآهي جيڪو مون کان حساب وٺي هو پاڻ حساب ڏئي ۽ ٻڌائي ته هو ڪيئن اقتدار ۾ آيو آهي.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ جعلي حڪمران ملڪ تي مڙهيل آهي ۽ هو اسان جي احتساب جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني جي الزامن بابت جي يو آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ان جي بيان تي پارٽي نوٽيس ورتو آهي. ڪميٽي بڻجي وئي آهي ۽ اجلاس به گهرايو ويو آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته مولانا محمد خان شيراني جي بيان تي سموري دنيا ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي.










