مولانا شيراني فضل الرحمان جا پول پڌرا ڪيا آهن، فردوس

مولانا شيراني فضل الرحمان جا پول پڌرا ڪيا آهن، فردوس

لاهور (بيورو رپورٽ) ڪوڙ ڳالهائي حقيقتن تي پردو نٿو رکي سگهجي، مولانا شيراني جي بيان پي ڊي ايم جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، پنجاب جَي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا شيراني جي بيان سان پي ڊي ايم جو اصل چهرو عوام آڏو وائکو ٿي ويو، پي ڊي ايم وارا ذاتي مفادن لاءِ گُڏَي ۽ گُڏِي کي استعمال ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم ذاتي مفادن جي جنگ وڙهي رهي آهي، عمران خان جي ڪشمير، فلسطين ۽ فرقيواريت بابت پاليسي تي سموري قوم متفق آهي.ياد رهي ته مولانا شيراني مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو هو ته هو ڪهڙي منهن سان عمران خان کي سليڪٽڊ ٿو چوي مولانا فضل الرحمان پاڻ سليڪٽڊ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو