ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حساس اداري اهلسنت والجماعت جي اڳواڻ مولانا سليم کتري جي قتل ۾ ملوث 2 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب حساس اداري شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 2 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب گرفتار جوابدار نيو ڪراچي ۾ اهلسنت والجماعت جي اڳواڻ مولانا سليم کتري جي قتل ۾ ملوث آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان سڃاڻپ ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، ٽارگيٽ ڪلرز ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ به ملوث آهن.










