ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): موسمياتي تبديليءَ سبب سنڌ کي درپيش خطرن جو اندازو ڏڪار جي وڌندڙ واقعن، پاڻي جي عدم تحفظ، گرمي لهرن جي وڌندڙ اثرن ۽ وڌندڙ فضائي آلاڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. حڪومت کي ٻڌايو ويو ته گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس 2020 ۾ پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ اٺين نمبر تي آهي تنهنڪري اسان موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي سهڪار لاءِ موسمياتي تبديلي پاليسي 2022 ٺاهي آهي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪابينا کانپوءِ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ هڪ بيان جاري ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته موسمياتي تبديليءَ سبب سنڌ کي درپيش خطرن جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڏڪار جي وڌندڙ واقعن جي نتيجي ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي. پاڻي جي عدم تحفظ جي نتيجي ۾ فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي؛ گرمي لهرن جي شدت جي نتيجي ۾ زرعي پيداوار گهٽجڻ ۽ صحت تي ناڪاري اثر پوڻ، فضائي آلاڻ ۾ واڌ جيڪا صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي ٿي؛ سامونڊي سطح ۾ واڌ سبب ڊيلٽاڪ ريجن ۾ لوڻياٺ ۽ مداخلت سامونڊي ماحولياتي نظام ۾ تبديلي ۽ ماحولياتي لڏپلاڻ جي وڌندڙ واقعن جي نتيجي ۾ سماجي-اقتصادي ٻوجھ پوڻ آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ، ٻوڏ ۽ ڏڪار سبب تباهه ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ هڪ خاص پاليسي جي ضرورت هئي ڇوته موسمياتي تبديلي هڪ الڳ مسئلو آهي.مقصد: پاليسي جي اهم مقصدن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي نشاندهي ڪرڻ، حل مهيا ڪرڻ ۽ ان جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ فريم ورڪ/منصوبا لاڳو ڪرڻ جيڪو قومي موسمياتي تبديلي جي پاليسي موجب آهي. ترقي جي عمل ۾ موسمي برابري واري ترقي ۽ پائيدار ترقي جا مقصد (SDGs) جي خاڪي کي ترقياتي عمل ۾ شامل ڪڻ، ماحولياتي ترقي جي حڪمت عملي ۽ رٿابندي سان منهن ڏيڻ دوران ڪمزور گروپن جي مفادن ۽ کين صنفي پهلوئن کي مؤثر طور يقيني بڻائڻ آهي. انساني سرمائيداري ۽ ڪوآرڊينيشن ميڪنيزم تيار ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ ماليات جي ڳولا ۽ اثراتي جاکوڙ کي وڌائڻ آهي. ڪابينا پاليسي جي منظوري ڏيندي ان تي صحيح نموني عمل ڪرڻ تي زور ڏنو.سنڌ ڪلائوڊ فرسٽ پاليسي: آئي ٽي کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪلائوڊ پاليسي جي غير موجودگي سرڪاري شعبي جي تنظيمن کي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ وسيلن جي غير موثر استعمال، سيڪيورٽي مسئلن، سرمائي جي قيمت ۾ واڌ ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي جو سبب بڻيل آهي. ڪلائوڊ فرسٽ اپروچ جي نمايان خصوصيتن ۾ اقتصادي پيمانو، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تعاون، معيار ۽ نمايان ٽولز ۽ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ شامل آهن. نئين پاليسي تحت صوبائي حڪومت ڪلائوڊ ايڪوزيشن آفيس (CAO) قائم ڪندي جيڪا سرڪاري شعبي جي اداري کي ڪلائوڊ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. ڪلائوڊ پاليسي سرمائي جي خرچن کان عملياتي خرچن ڏانهن هڪ مثالي تبديلي آهي جنهن جي نتيجي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر سان لاڳت ۾ بچت ٿئي ٿي. صوبائي ڪلائوڊ ايڪوزيشن آفيس ٻين کاتن ۽ SPPRA سان گڏ ڪم ڪندي پاليسين ۾ گهربل تبديليون (PAYG “Pay as you go” يا “Pay as you go”).تي ڪم ڪندي. صوبائي ڪلائوڊ ايڪوزيشن آفيس لازمي طور تي ICT انفراسٽرڪچر جي خريداري واري فيصلن ۾ شامل هجڻ ضروري آهي. ڪابينا پاليسي جي به منظوري ڏئي ڇڏي.ڊجيٽل ٽيڪنالاجي بورڊ: صوبائي ڪابينا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي واڌاري، منصوبابندي، عملدرآمد، نگراني، تشخيص ۽ ضابطن لاءِ سنڌ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي بورڊ جي قيام جي منظوري ڏني ته جيئن اي-گورنمينٽ ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ، ڪارڪردگي ۽ تعاون کي وڌائڻ لاءِ آئي ٽي شعبو کي وڌائي سگهجي. ان جي ميمبرن ۾: بورڊ جو چيئرمين چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري آئي ٽي بطور وائيس چيئرمين ۽ سيڪريٽري ناڻو، سيڪريٽري پي اينڊ ڊي ۽ بورڊ جا ايم ڊي هوندا. بورڊ جي ڪمن ۾ حڪومت کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي پاليسي لاءِ هدايتون شامل آهن جن ۾: معلومات جي سفارش ڪرڻ، حڪومت جي منظوري لاءِ ڄاڻ تائين پهچ لاءِ هڪ جامع پروگرام تيار ڪرڻ، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پروگرامن ۽ اسڪيمن جي رٿابندي، بندوبست، عملدرآمد ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ۽ حڪومت کي رپورٽون جمع ڪرائڻ ته جيئن منظور ٿيل ڄاڻ، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي پروگرامن جي ترقي ۽ سڌاري جو مشاهدو ڪري سگهجي.روينيو موبلائيزيشن: سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ٽيڪس روينيو موبلائيزيشن پلان (STRMP) ورلڊ بئنڪ جي هڪ منصوبي تحت شروع ڪيو ويو آهي. پهرئين پنج سالن جي منصوبي ۾ (STRMP-I) 15-2014 کان 19-2018 تائين سڌارن جي هڪ سيٽ ذريعي صوبائي روينيو وڌائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي خاص طور تي اسٽريٽجڪ پلاننگ، ٽيڪس ايڊمنسٽريشن، آٽوميشن ۽ تنظيمي ترقي جي شعبن ۾سنڌ روينيو بورڊ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ بورڊ آف روينيو جهڙن اهم صوبائي روينيو گڏ ڪندڙ ايجنسين جي ذريعي عمل ڪيو ويندو. پهرين منصوبي جا سڀ مالي مقصد حاصل ڪيا ويا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايس آر بي جي اوڳاڙي 39.507 ارب رپين مان وڌي 93.296 ارب رپيا ٿي وئي آهي جنهن ۾ 136 سيڪڙو واڌ ٿيو.E&T ادري 12 سيڪڙو واڌ سان 32.025 ارب رپين کان 68.030 ارب رپيا اوڳاري ڪئي. بي او آر 9.727 ارب رپين مان 68 سيڪڙو واڌو 16.384 ارب رپيا اوڳاڙي ڪئي. اهڙي ريت ٽنهي ادارن 200 ارب رپيا گڏ ڪيا ۽ ان ۾ 89 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻيو پنجن سالن جو منصوبو (STRMP-II)، 2021-22 کان 26-2025 تائين آمدني جي پيداوار 22-2021 ۾ 283.476 ارب رپين مان وڌائي 26-2025 ۾ 587.199 ارب رپيا ڪئي وئي جيڪا تاريخ ۾ ترقي جي رجحان ۽ امڪاني سڌارن جي نشاندهي تي ٻڌل آهي. ڪابينا منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ صوبي جي توانائي وسيلن جي ويليو چين کي ڪوئلي، سولر ۽ ونڊ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ گرڊ ڪمپني جي ٽرانسميشن نيٽ ورڪ ذريعي سستي اگهه تي سنڌ جي گهريلو، واپاري ۽ صنعتي صارفين جي گهرج کي پورو ڪري سگهجي ٿو. توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته صوبائي پاور پروجيڪٽس ۾ رڪاوٽ ۽ قومي فريم ورڪ ۾ انڊيڪيٽو جنريشن ڪيپيسيٽي ايڪسپينشن پلان 2021 (IGCEP 2021) ۾ شامل نه ٿيڻ جي معاملي تي وفاقي ادارن پاران وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي وئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيداوار، ٽرانسميشن، ورڇ ۽ ضابطي لاءِ هڪ جامع قانوني، پاليسي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي ته جيئن توانائي جي مساوات کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ صوبي ۾ توانائي جي غربت کي ختم ڪيو وڃي. ڪابينا سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (SEPRA) جي قيام جي اصولي منظوري ڏني پر ان اٿارٽي جي قانوني پهلوئن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ توانائي ۽ قانون کاتي جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. قانوني پهلوئن کي چڪاسڻ کانپوءِ اٿارٽي لاءِ مسودو تيار ڪرڻ لاءِ هڪ قانوني صلاحڪار پڻ مقرر ڪيو ويندو.بورڊ آف ايگزامنرز: ڪابينا، توانائي کاتي جي سفارش تي هڪ ”بورڊ آف ايگزامنرز“ قائم ڪيو جنهن جو مينڊيٽ ڪوئلي جي معدنيات جي ماهرن جي تصديق ڪرڻ آهي ته جيئن ڪوئلي سان لاڳاپيل قابليت کي ترتيب ڏيڻ ۽ ان کي هلائڻ سگهجي. هڪ تصديق ٿيل مائننگ پروفيشنل بورڊ آف ايگزامنرز کان قابليت جو سرٽيفڪيٽ رکندڙ قومي ۽ عالمي کاڻ جي کوٽائي واري صنعت ۾ پروفيشنل فائدا ۽ روزگار حاصل ڪري سگهي ٿو. سنڌ ڪول مائنز رولز-2016 تحت اهليت جو ٽيسٽ ۽ سرٽيفڪيشن سڄي پاڪستان ۾ هلندڙ آهي.نيو انڊسٽريل اسٽيٽ: صنعت کاتي ضلع ڪيماڙي ۾ 2000 ايڪڙ زمين تي انڊسٽريل زون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ديهه ماچڪو ۽ ديهه گبوپٽ ۾ زمينن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪابينا غور ويچار کانپوءِ 2 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن ۾ 300 ايڪڙ ديهه ماڪو ۽ 1700 ايڪڙ ديهه گبوپٽ ۾ شامل آهي. وڏي وزير صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو تعليمي ادارن سان گڏ سمورن لاڳاپيل سهولتن جهڙوڪ رهائشي ڪالوني، مارڪيٽ ۽ ٻين شين سان اسٽيٽ آف دي آرٽ انڊسٽريل اسٽيٽ قائم ڪري. مراد علي شاهه صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته زمين الاٽ ٿيڻ کانپوءِ قبضو پاڻ وٽ رکي ۽ پوءِ زمين جي ترقي لاءِ بهترين صلاحڪار مقرر ڪيو وڃي.صحت جي سهولتن جي آئوٽ سورسنگ: ڪابينا 95 صحت جي سهولتن جي آئوٽ سورسنگ جي منظوري ڏني جن مان 43 حيدرآباد ڊويزن، 26 شهيد بينظير آباد ۽ 26 لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ آهن. سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي کي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 30 سيپٽمبر 2022 جي ٽائم لائن ڏني. ڪابينا صحت کاتي جي درخواست تي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ صحت جون 13 سهولتون هلائڻ لاءِ ميسرز MERF جي معاهدي ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي. زمين جي الاٽمينٽ: صوبائي ڪابينا علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل ڪيمپس ديهه ساري، تعلقو قاسم آباد، حيدرآباد ۾ 6 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرائس ڪميٽي زمين جي مارڪيٽ قيمت 15 ملين رپيا في ايڪڙ مقرر ڪئي هئي پر ڪابينا زمين جي استعمال ۾ سهولت کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ قيمت 50 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. قيمتن تي ضابطو: اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي درخواست تي سنڌ جي وڏي وزير سمورن ڪمشنرن/ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو مختلف کاڌ خوراڪ، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شين جي اگھن کي ڪنٽرول ڪن. سنڌ جي وڏي وزير سمورن ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن تي ڪنٽرول ڪن.










