سري نگر (ويب ڊيسڪ)ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي فيبروري 2019 جي پلواما حملي جي خبر هئي.ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي گورنر نشرياتي اداري ”دي وائر“ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته پلواما ۾ مودي جان بوجھ ڪري ڀارتي فوجين کي بچائڻ بدران مرڻ ڏنو ۽ ملبو پاڪستان تي اڇلايو.هن چيو ته پلواما ڊراما ٺاهڻ جو مقصد صرف بي جي پي کي چونڊن ۾ فائدو ڏيڻ هو.اڳوڻي گورنر چيو ته جڏهن هن ڳالهايو ته مودي حڪومت کيس ڪاربيٽ پارڪ مان ٻاهر سڏيو، ڀارتي وزيراعظم مودي ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊول کيس خاموش رهڻ لاءِ چيو.ستيا پال ملڪ آگسٽ 2019 ۾ آرٽيڪل 370 جي خاتمي دوران هندستان جي قبضي واري ڄمون ۽ ڪشمير جو آخري گورنر هو.










