ماتلي( عبدالرزاق پنهور ) شهر جي بس اسٽاپ چوڪ تي آفتاب آرائين جي موبائل فون جي دڪان کي پراسرار نموني باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دڪان ۾ پيل لکين روپين جي ماليت جا موبائل فون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي. اهڙي واقعي بعد شهري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ باهه کي وسائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پر باهه تي ضابطو اچي نه سگهيو آهي. شهرين موجب هنن فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو پر فائر برگيڊ جي گاڏي پهچي نه سگهي جنهن سبب دوڪان ۾ سمورو پيل سامان سڙي رک ٿي ويو. شھرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ سال کان ماتلي ميونسپل جي فائربرگيڊ خراب پيل آھي اوچتو اهڙي باھ واري واقعي دوران ٻين تعلقن مان گاڏي گهرائي وڃي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شھرين جو وڏو نقصان ٿي وڃي ٿو.










