بدين (ن سنڌيار) سوشل ورڪرز اتحاد طرفان وڌندڙ مهنگائي ۽ بدين ۾ ودندڙ بد امني خلاف ڊي سي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويئي سوشل ورڪرز اتحاد جي اڳواڻن اسلم ملاح آفتاب شر نور محمد ڀٽي علي نواز ملاح مولوي واجد اشفاق شيخ مشتاق ملاح شهرين توڙي مزدورن پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي مهنگائي ۽ بدامني ختم ڪريو جا نعره هڻندا رھيا اڳواڻن جو چوڻ هو هر روز عوام تي مهنگائي جو بم ڪيرايو پيو وڃي مسڪين ماڻهون ڪئين زندگيءَ جو گذر سفر ڪن هر روز وڌندڙ مهنگائي جي ڪري پورهيت ماڻهو خدڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن جيڪو ماڻهو ڏهاڙي پنج سئو ڪمائي اهو ڪئين گهر هلائيندو ماڻهو اٽي جي ڪن گورنمنٽ جون سڀ ڳالهيون اڌوريون رهيون حڪمران پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن مسڪين ويلي لاء پريشان آهن اسان ته ٻئي طرف بدين ۾ وڌندڙ بدامني ڦرون چورين شھرين جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون آهن بسين پوليس جي نا اھلي سبب شھري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن اسان سنڌ حڪومت کي پيغام ٿا ڏيون تہ مهنگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ روز مره جي شين جي اگھن جون لسٽون دڪانن تي لڳايون وڃن ۽ انهن تي عمل درآمد ڪرايو وڃي ھنن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته عوام کي جلدي مهنگائي جي حوالي سان رليف ڏنو وڃي بدين ۾ بد امني کي ختم ڪرڻ لاء ھتي ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪيا وڃن سوشل ورڪرز اتحاد بدين جي اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ بدين ۾ وڌندڙ بد امني سبب شهري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن هنن سنڌ جي چيف جسٽس کي نوٽيس وٺي شھرين کي تحفظ ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي ھنن چيو بدين ۾ بدامني تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي پر امن جدوجهد جو دائرو وڌائينداسين










