مهر بانو شادي جي خاتمي جي تصديق ڪري ڇڏي

مهر بانو شادي جي خاتمي جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا مهر بانو آخرڪار پنهنجي ازدواجي زندگي بابت گردش ڪندڙ افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي، ۽ واضح ڪيو آهي ته هوءَ هن وقت شادي شده ناهي.مهر بانو ۽ شاهه رخ ڪاظم علي 2022ع ۾ شادي ڪئي. مهر بانو هڪ باصلاحيت ۽ بولڊ پاڪستاني اداڪاره آهي، جيڪا ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجي بي خوف ڪردارن لاءِ مشهور آهي. هن اهو انڪشاف انسٽاگرام تي سوال ۽ جواب جي سيشن دوران ڪيو، جتي هڪ پرستار کانئس پڇيو، “ڇا توهان شادي شده آهيو؟” جنهن تي مهربانو هڪ سادو ۽ واضح جواب ڏنو “نه.” سندس مختصر پر واضح جواب ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ قياس آرائين جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سوشل ميڊيا ۽ مداحن جي حلقن ۾ تيز ٿي ويون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو