مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي؛ جلال محمود شاهه

مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي؛ جلال محمود شاهه

دادو(ادل مهيسر) ملڪ ۾ ڪرپشن، بيروزگاري، مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ اٽو ۽ کنڊ سميت کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ڪري وڪرو ڪيون پيون وڃن ان لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ميدان عمل ۾ نڪتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه دادو ۾ پارٽي ورڪرن جي اجلاس بعد دادو پريس ڪلب جي نون عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ميڊيا عوام جو حقيقي آواز اعلى اختيارين تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي جسقم جي اڳواڻ امتياز علي عمراڻي پنهنجن ساٿين سان گڏجي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل روشن ٻرڙو سميت پارٽي جي قيادت کي دادو پريس ڪلب جي صدر صابر حسين ڀنڊ آجياڻو ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو