منڇر ڍنڍ کي ان جڳهه تان ڪٽ لڳايو ويو جتي وڏي وزير جو گهر آهي: شرجيل

منڇر ڍنڍ کي ان جڳهه تان ڪٽ لڳايو ويو جتي وڏي وزير جو گهر آهي: شرجيل

حيدرآباد (ن سنڌيار) سُڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته منڇر ڍنڍ کي ان جڳهه تان ڪٽ لڳايو ويو آهي جتان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو گهر آهي.حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته آر ڊي 14 تي ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو ٽائونز کي بچائڻ لاءِ ڪيو ويو. منڇر ڍنڍ ۾ ڪٽ لڳائڻ سان يوسي واهڙ، بوبڪ، آراضي، جعفر آباد سميت ڪجهه يوسيون متاثر ٿينديون.شرجيل ميمڻ چيو ته 5 يوسيز جي متاثر ٿيڻ سبب هڪ لک 25 هزار ماڻهن کي لڏ پلاڻ ڪرڻي پوندي. ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ حڪومتي مشينري موجود آهي. متاثرن کي ويجهن ضلعن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.صوبائي وزير ٻڌايو ته يوسي باجارا، جهانگارا، اڳ ئي ٻوڏ سبب متاثر آهن. سيوهڻ تعلقي جو ڪافي حصو ٻوڏ جي پاڻي سبب سخت متاثر ٿيندو. هن ٻڌايو ته هن وقت سنڌ جا 23 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن ۽ ريليف ڪيمپن ۾ 6 لک کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن.وبائي مرض روڪڻ لاءِ هر رليف ڪيمپ ۾ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي آهي شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ ۾ ان جڳهه تي ڪٽ لڳايو ويو آهي، جتي وڏي وزير جو پنهنجو گهر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو