ڪراچي (نمائندن وٽان) لاڙ جو مشهور مولودي منٺار بڪيرو ۽ سيٺارجن جو هڏن جي جوڙڻ جو ماهر خدا بخش ڪٻر گذاري ويا. سجاول مان سليم ملاح موجب مولودي منٺار بڪيرو ڳچ عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو صحت کاتي سميت ڪنهن به سندس سار نه لڌي. سندس ڀائٽي رجب علي ميڊيا کي ٻڌايو ته چا چا منٺار بڪيرو سڄي سنڌ ۾ محفلن ۽ مجلسن ۾ ويندو هو سندس مولودن جون سوين آڊيو ڪيسٽون ريڪارڊ ٿيل آهن، سندس مولود ۽ جهرجهنگ مشهور آهن، هن چيو ته چا چا منٺار اٺن سالن کان سنڌن جي سور ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو هو، اسان غريب ماڻهو آھيون وس آهر علاج ڪرايوسين اپيل جي باوجود حڪومت سار نه لڌي.*** سيٺارجا مان سجاد ڪٻر موجب پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ غازي عبدالقادر ڪٻر جو والد ۽ ڀڳل هڏن کي جوڙڻ جو ماهر ڏاهو خدا بخش ڪٻر تقريبن 80 ورهين جي ڄمار ۾ ڏيپارجه لڳ ڳوٺ قائم الدين ڪٻر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس مڙهه کي جنازي نماز بعد آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .










