لاهور(ويب ڊيسڪ) اسپيشل ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ جي صدر ميان شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 25 مارچ جي تاريخ مقرر ڪندي سڀني جوابدارن کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسپيشل ڪورٽ سينٽرل جي جج آڏو مک جوابدار پيش ٿيا جنهن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فصلو ٻڌايو. ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل هن ڪيس ۾ عدالت کيس هدايت ڪئي ته هو شاهدن جي بيان جون ڪاپيون جوابدران کي فراهم ڪيو وڃن.










