لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري مونس الاهي پنهنجي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان پڇيل 33 سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا.محمد نواز ڀٽي چپراسي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مونس الاهي چيو ته هو محمد نواز ڀٽي کي نٿو سڃاڻي. ايف آءِ اي جي محمد نواز ڀٽي چپراسيءَ جي 32 بئنڪ اڪائونٽس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مونس الاهي چيو ته نواز ڀٽي جي اڪائونٽس جي خبر ناهي. مونس الاهي به نواز ڀٽي جي شيئرز جي حوالي سان ناڪاري جواب ڏنو آهي، جڏهن ته سندس چوڻ آهي ته آر وي گروپ ٺاهڻ ۾ سندس ڪو ڪردار ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري مونس الاهي چيو ته عمر شهريار سان سندس ڪاروباري لاڳاپا آهن. هن چيو ته ڀاءُ راسخ الاهي شيئر تحفي ۾ ڏنا، ايف بي آر ۾ جمع ڪرايل تفصيلن ۾ سڀ ڪجهه بيان ٿيل آهي. ياد رهي ته ايف آءِ اي مونس الاهي ۽ ٻين خلاف 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي.










