خان چيو فوج به منهنجي آهي ۽ ملڪ به منهنجو آهي: سواتي

خان چيو فوج به منهنجي آهي ۽ ملڪ به منهنجو آهي: سواتي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته منهنجي اڳواڻ هميشه چيو آهي ته هي فوج به منهنجي آهي ۽ هي ملڪ به منهنجو آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته جيئن پاڪستاني فوج ملڪ کي بچايو، هر ٻار انهن لاءِ دعا گهري ٿو. اعظم سواتي چيو ته پاڪستاني قوم جو پنهنجي ملڪ لاءِ جذبو هميشه قائم رهندو. هن اهو به چيو ته مان چوندس ته پي ٽي آءِ جي باني کي اڄ ئي آزاد ڪيو وڃي ۽ گهر اچي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو