منشيات ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀني شعبن جو تعاون لازم آهي

منشيات ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀني شعبن جو تعاون لازم آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت منشيات جي ڪنٽرول جي هر شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ تيار آهي.اسلام آباد ۾ منشيات مخالف ڪانفرنس ۾ گهرو سيڪريٽري، خليجي ملڪن جا وفد ۽ ڊي جي اي اين ايف پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته اڄ اسين هتي منشيات جي خلاف عالمي محاذ تي فرنٽ لائن سپاهين جي حيثيت سان گڏ آهيون، هتي خليجي ملڪن جي وفدن جي موجودگي اسان جي گڏيل عزم جو مظهر آهي.محسن نقوي چيو ته اسان کي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي، انٽيليجنس جو تبادلو ڪرڻ گهرجي ۽ اثرائتي حڪمت عمليون ٺاهڻ گهرجن. گڏجي، اسان هن لعنت جي خلاف اثرائتي قدم کڻي سگهون ٿا.هن چيو ته اسان انٽيليجنس شيئرنگ، گڏيل تربيت ۽ رابطي کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. اسان فارنزڪ ۽ ٽيڪنيڪل تعاون جهڙن شعبن ۾ تعاون کي پڻ فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا.محسن نقوي اهو به چيو ته گلف مالڪ جي حمايت ۽ ڀائيواري اسان جي ڪاميابي جي ضمانت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو