ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مري وزيراعظم عمران خان جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته منافق شخص عمران خان مذهب جي آڙ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ھن اسٽيل مل جي هزارين ملازمن جي روزگار تي ڌاڙو ھڻي کين بي روزگار ڪيو ويو ھوـ ھن چيو ته عمران خان لکين غريبن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ڪراچي کان اسلام آباد تائين عوامي مارچ برائي خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي هن چيو ته تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل روئڻھارڪي شڪل ٺاهيندي عوام کي گمراهه نٿو ڪري سگهي جڏهن ته عمران کي ڪرسي جي لالچ ۽ اقتدار جي بک چريو ڪري ڇڏيو آهي، ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ عوام عمران خان جي حڪومت جي خاتمي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن جڏهن ته عمران خان کي اقتدار ۾ رھڻ جوڪو به آئيني يا اخلاقي جواز ناهي رھيو ـ










