ملڪ۾ ڪورونا سبب 45 فوت 24سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ۾ ڪورونا سبب 45 فوت 24سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 42هزار422 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار432 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.سرڪاري رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 10هزار 908 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيس 5 لک 16هزار970 تائين پهتا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 33هزار763 آهي.ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ 2هزار793 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کانپوءِ مجموعي طور صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4لک 72هزار099 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو