ڪراچي ( ن سنڌيار) ملير جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙو، ٻن ڌرين جي وچ ۾ آمهون سامهون فائرنگ، نتيجي ۾ ٻه ماڻهو ٿڏي تي فوت ۽ 15 سخت زخمي ٻن ڄڻن جي ڳڻتي جوڳي حالت، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، فوتين ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، خبر موجب ملير جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد درساڻو ڇنو اسحاق جوکيو ڳوٺ ۾ پلاٽ جي وارثي ۽ دڪان جي اڏاوت تان خطرناڪ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ابن حسن حيدري ولد ولي محمد ۽ امتياز ولد انور حسین ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ولي محمد ولد علي محمد، وحي، خميسو ولد اڪبر سميت 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس پهچي فوتين ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










