ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران کان ڪڍڻ لاءِ قومي ليڊرشپ کي هڪ ميز تي ويهي ڳالهين ذريعي سياسي حل ڳولڻ ۽ عام چونڊن لاءِ هڪ تاريخ تي اتفاق ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، 09مئي جي واقعن جو بهانو بڻائي چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته ان سان ملڪ ۽ قوم جو وڌيڪ نقصان ٿيندو، جماعت اسلامي نظرياتي، فلاحي ۽ انقلابي جماعت آهي جنهن جي قيام جو مقصد ملڪ ۾ قرآن ۽ سنت واري شرعي نظام جو نفاذ آهي، “ اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان” توڙي “ حل صرف جماعت اسلامي” رڳو دعوى ۽ نعرو نه بلڪه اسان وٽ مخلص، قابل ۽ ديانتدار قيادت سان گڏو گڏ ويزن به آهي ته اسان ان مقصد کي حاصل ڪري سگهون. ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلامي پاپولر ووٽ ۽ سپورٽ ۾ نمبر ون پارٽي آهي ان ڪري ڪراچي جي ميئرشپ تي اسان جو حق ٺهي ٿو، عوامي مينڊيٽ جو احترام سڀني تي لازم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران “ داعي قرآن و سنت ڪورس ٽرينر ورڪشاپ” کي خطاب ڪندي ڪيو. چئن ڏينهن واري ورڪشاپ کي صوبائي امير محمد حسين محنتي، نائب امير ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله چنا، آفتاب ملڪ ۽ پروفيسر سعيد احمد ڌامراه پڻ خطاب ڪيو. لياقت بلوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو، پر مفاد پرست طبقي پنهنجي ذاتي مفادن تي جُڙيل پاليسين جي ڪري ملڪ جون پاڙون لوڏي ڇڏيون آهن، عالم سڳورا منبر ۽ محراب جي پليٽ فارم تان معاشري جي اصلاح سان گڏ اسلامي انقلاب لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.#










