اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وائرس خطري جي گهنٽي وڃائي ڇڏي. موتمار وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 100 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 46 هزار 269 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ هڪ ڪروڙ هڪ لک 53 هزار 38 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 084 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 63 هزار 200 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 65 هزار 158، پنجاب ۾ 2 لک 17 هزار 694، خيبرپختونخواهه ۾ 86 هزار 044، اسلام آباد ۾ 57 هزار 204، بلوچستان ۾ 19 هزار 535، آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 549 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 016 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 48 هزار 566 آهي. جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 100 مريض حياتيون وڃائي ويٺا اهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 14 هزار 356 ٿي ويو اهي. ان کان اڳ گذريل سال 11 جون تي تقريبن 9 مهينا اڳ هڪ ڏينهن ۾ 101 فوتگيون رڪارڊ ٿيون هيون. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 061 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيبندڙ مريضن جو انگ 6 لک 278 ٿي ويو آهي.










