اسلام آباد ( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 64 مريض فوت ٿي چڪا آهن 1هزار 910 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ جي مطابق، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 40هزار821 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار910 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.سرڪاري انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 11هزار514 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل انگ 5لک39هزار387 پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 33هزار295 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 2هزار371 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 49578 ٿي چڪو آهي. سرڪاري رپورٽ ه مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک43هزار683 ٿي ويو آهي جڏهن ته 3هزار957 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک55هزار805 آهي ۽ 4661 ماڻهو وائرس سبب مري ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزاآهي 788 ۽ 193 فوت ٿي چڪاآهن .خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 66هزار198آهي ۽ 1هزار870 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار931 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا ۽ 259 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار906 آهي ۽ 102 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 41هزار076 آهي ۽ هن وقت تائين 472 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










