ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 371 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2.47 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيل 140 مريضن جي حالت نازڪ آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي تشخيص لاءِ 15,038 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 371 جي ٽيسٽ پازيٽو آئي.










