ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه مهانگو ٿي ويو

ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به سون جي اگهه ۾ هڪ هزار 8 سئو 50 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جي هڪ تولو قيمت ۾ 1850 رپين جي واڌ کانپوءِ هڪ لک 58 هزار 850 رپيا في تولو سون جو اگهه وڌي ويو آهي.ان کان علاوه سون جي 10 گرام جو اگهه 1586 رپين جي واڌ سان 1 لک 36 هزار 188 رپيا ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب عالمي مٽا سٽا ۾ سون جي قيمت 7 ڊالرن جي واڌ سان 1782 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو