ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جي ضرورت ناهي: بلاول ڀٽو

ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جي ضرورت ناهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته عمران خان جو جلد چونڊن جو مطالبو سياسي ايجنڊا آهي.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي بقا ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ضروري آهي ته موجوده اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري.هن چيو ته پاڪستان جي موجوده اتحادي حڪومت کي سڄي ملڪ مان نمائندگي حاصل آهي، سموريون اتحادي پارٽيون گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.هن چيو ته گذريل حڪومت جي خاتمي بابت آمريڪا تي لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي.بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جا آمريڪا تي الزام رڳو سياسي مقصدن لاءِ آهن، عمران خان نئين سياسي فارمولي ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو