لاهور (ويب ڊيسڪ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي سڀ کان وڏو پنجاب صوبو وڏي وزير کان سواءِ هلي رهيو آهي سياستدانن ۽ انهن جي سپورٽرز وچ ۾ نفرتون ۽ ويڙهه وڌي رهي آهي مسئلن جو واحد حل صاف ۽ شفافچونڊون آهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ۽ دولت واري ڪلچر کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي سياسي پارٽيون چونڊ سڌارن لاءِ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن سياسي پارٽيون متناسب نمائندگي جي اصولن تي راضي ٿي وڃن دنياجي ڪيترنئي جمهوريتن ۾ متناسب نمائندگيجو سسٽم جائج آهي چند خاندان ملڪ جي وسيلن تي قابض آهن ٽنهي وڏين پارٽين اقتدار جا مزا ورتا پر عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو جماعت اسلامي مفادن واري جنگ کان پري رهي ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 74 سالن کان مدي خارج نظام سان عوام جي زندگي جي معيار ۾ ڪائي تبديلي ناهي آئي اسان جون عدالتون، معيشت تعليم جو نظام ۽ ايوان ۾انگريز جو نظام لاڳو آهي سامراج جي وفادارن جو موجوده نظام کي سهارو آهي. شڪلون تبديل ٿينديون رهن ٿيون پر نظام تبديل نٿو ٿئي مختلف پارٽيون ۽ فوجي ڊڪٽيٽر وڏي دعويٰ ڪري اقتدار ۾ آيا پر عوام جي زندگي اڃا تائين جيئن جو تيئن آهي حڪمران اشرافيا قوم کي مسلسل ڌوکو ڏئي رهي آهي اصل تبديلي قرآن ۽ سنت جو نظام آڻڻ سان ايندي.










