اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.درخواست پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عمر ايوب بئريسٽر گوهر ذريعي داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آرٽيڪل 245 کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد سياسي مخالفن کي هٿياربند فوج سان وڙهڻ آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بنيادي حقن جي خلاف آهي، آئين هر شهري کي شفاف ۽ منصفاڻي ٽرائل جو حق ڏئي ٿو، تاريخ ۾ ڪڏهن به فوجي عدالت ۾ هزارين سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو ٽرائل ناهي ٿيو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد ۽ ان تحت ڪيل ڪريڪ ڊائون کي ڪالعدم قرار ڏئي.










