ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل تڪراري آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مردم شماري جي تصديق واري عمل کي ڳجهو رکيو پيو وڃي، 1 ڪروڙ 92 لک جي ڳڻپ ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ڪراچي جي آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، نادرا به چوي ٿي ته ڪراچي جي آبادي ٽي ڪروڙ آهي.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته هو آدمشماري ۾ ٿيل ڌانڌلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪندا، ڪراچي تي وادر ۽ زميندار قبضو ڪري رهيا آهن.ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو آهي ته ڪنهن به ماڻهو کي گهٽ يا وڌيڪ نه ڳڻيو وڃي، اهو اسان جي مينڊيٽ، نمائندگي ۽ نوڪرين جو مسئلو آهي، جيڪڏهن ڦريو ويو ته اهو قبول نه ڪيو ويندو.سندس چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي درخواست تي ايترو ڪجهه ڪري رهي آهي، هاڻي 15 جون تي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏوهه ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي بي نقاب ڪيو ويندو.حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو وفاق کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، بلاول جي پارٽي تڪ بنديون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ ووٽرن کي فرق پيو.










