ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اندروني طور ٻاهرين سازش ۾ استعمال ٿي رهيا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ سياسي پارٽي ملڪ جي استحڪام سان کيڏي رهي آهي.پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير چيو ته ذخيره اندوزن ۽ مصنوعي مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.شرجيل ميمڻ چيو ته اٽي تي 15 ارب رپين کان وڌيڪ جي سبسڊي ڏني ويندي، سنڌ حڪومت 78 لک خاندانن کي سستو اٽو فراهم ڪندي.










