ٽنڊو محمد خان (ن س)ٽنڊو محمد خان ۾ مختلف سماجي تنظيمن انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس پاڪستان ، سماجي ساٿ فلاحي تنظيم ، آل پاڪستان ٺاڪر اتحاد پاران پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هڻي اسٽيشن روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويئي ، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن پپو بلوچ ، مانسنگ ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪري ٿي ، فوج خلاف سازشون ڪندڙ سڄڻ نه پر دشمن آهن ، فوجي جوانن پنهنجي جانين جو نظرانو ڏيئي ملڪ کي بچايو آهي 9 مئي تي ملڪ اندر ٿيندڙ وڳوڙن سان ملڪ کي نقصان رسيو آهي ، ملڪ جي عوام پاڪ فوج سان شانه بشانه گڏ بيٺل آهي










