پشاور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مخالفن جي ڪوشش آهي ته سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج سان وڙهايو وڃي.پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمرنا خان چيو ته جڏهن ته پرڏيهي سازش تحت حڪومت ڪيرائي وئي تڏهن پهريون جلسو پشاور ۾ ڪيو هو، پشاور وارن ڪڏهن به مونکي مايوس ناهي ڪيو.هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، ڊي جي خان، راجنپور، ڊيرا اسماعيل خان ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، الله اسان کي وڏي امتحان ۾ وڌو آهي.وزيراعظم چيو ته سنڌ جا ماڻهو وڏي مشڪل ۾ آهن، جڏهن ته منهنجي خلاف هڪ وڏي منظم پروپيگينڊا ڪيو پيو وڃي، نوجوانن کي حقيقي آزادي ۽ ڪلمي جو مطلب سمجهائڻ چاهيان ٿو، اسان زنجيرن سبب مٿي اُڏام نٿا ڀري سگهون، پاڻ سڳورن صلعم جي سنت تي هلندي قوم کي جڳائڻ چاهيان ٿو ته جيئن اهي زنجير ٽٽي پون.هن چيو ته چورن جو ٽولو پروپيگينڊا ڪري رهيو آهي، آمريڪي سازش تحت چورن جو ٽولو ملڪ مٿان مڙهيو ويو، اسان پاڪستان کي علامه اقبال جي خواب جهڙو عظيم ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان سڄي دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت ڪرائڻ چاهيون ٿا.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته چورن جي هوندي پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت نه ٿيندي اڄوڪي جلسي ۾ توهان کي سکيا ڏني ويندي، جلسي ۾ ڪيئي ويڊيوز ڏيکارڻا آهن، هن جلسي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇا توهان امپورٽڊ وزيراعظم شهباز شريف کي تسليم ڪيو ٿا؟ جيڪڏهن شهباز غيرتمند وزيراعظم هجي ها ته چوري ڪيل پئسو واپس ملڪ آڻي ها، چورن جي ٽولي کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير به مونکي هارائي نٿو سگهي، ٿري اسٽوجز کي خبر آهي ته جڏهن به چونڊي ٿي ته کين شڪست ملندي، مخالف مونکي نااهل ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن.هن چيو ته مخالفن مونکي دهشتگرد بڻائي ڇڏيو آهي، انهن جو حال به ان ٽيم جهڙو آهي جيڪا شڪست ڏسندي وڪيٽون ئي کڻي ويندي آهي. فوج مخالف بيان تي عمران خان وضاحت پيش ڪندي چيو ته مون چيو هو ته آرمي چيف جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، مونکي ٻڌايو جيڪو خيرخواهه هوندو آهي اهو ته ائين چوندو ميرٽ تي چونڊ ڪريو، ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه هئي؟ مون چيو ته نواز شريف، زرداري ٻه ڌاڙيل آهن کين پاڪستان جو سپهه سالار نه چونڊڻ گهرجي، نواز شريف روپوش آهي، سندس اربين رپين جي ملڪيت پڪڙي وئي آهي، ڇا هڪ چور، ڀڳوڙي ۽ روپوش کي پاڪستان جو آرمي چيف سليڪٽ ڪرڻ گهرجي؟










