تعليمي نظام ۽ نصاب بدلائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي،هيڪ

تعليمي نظام ۽ نصاب بدلائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي،هيڪ

ڄامشورو( پ ر) پاڪستان اندر اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ هڪ شاگرد تي سال ۾ ڏيڍ لک رپيا بجيٽ رکي وئي آهي، جيڪا تمام گهٽ آهي. هن کان آفريڪا جا ملڪ به اعليٰ تعليم تي وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪن ٿا. اعليٰ تعليم تي پاڪستان ۾ تمام گهٽ بجيٽ رکي وڃي ٿي، هلندڙ سال اعليٰ تعليم جي لاءِ هڪ سئو ٽي بلين بجيٽ گهري وئي، جنهن مان وفاقي حڪومت صرف 65 بلين بجيٽ منظور ڪئي آهي. اعليٰ تعليم جي بجيٽ ۾ تمام وڏي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ نيون يونيورسٽيون، ڪئمپسز ۽ ڪاليج کليا آهن ۽ شاگردن جي داخلا به وڌي آهي. حڪومت پگهارون به وڌايون آهن. انڪري خرچ وڌيو آهي. حڪومت کي جلد هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽين کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر طارق بنوري مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر ۾ مهراڻ، سنڌ، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊينز، ڊائريڪٽرس، چيئرمينن استادن ۽ آفيسرن کي خطاب ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ملڪ جي اعليٰ تعليمي نصاب ۽ نظام ۾ سڌارن تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. ملڪ ۾ جيڪي خانگي ۽ سرڪاري يونيورسٽيون ڊگريون ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جون ملون بنيل هيون، انهن جا غير معياري پروگرام بند ڪيا آهن. هن چيو ته، اعليٰ تعليم جو معيار نظام ۽ نصاب جي بهتري کانسواءِ ٺيڪ ٿيڻ ممڪن ڪونهي. ڊاڪٽر طارق بنوري چيو ته بهتر ۽ معياري تعليم فرد لاءِ پاسپورٽ وانگر آهي. انساني ترقي معياري تعليم سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان وٽ هڪڙي وقت تائين هر نوجوان ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ آفيسر ٿيڻ چاهيندو هو پر 2001ع ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ تحقيق جو رجحان وڌيو آهي. هاڻي نوجوان پروفيسر به ٿيڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها تحقيق ۽ تعليم ڪنهن ڪم جي ناهي جيڪا ملڪ، قوم ۽ مقامي آبادي جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين چيو ته هر اعليٰ تعليم يافته فرد کي پنهنجي شعبي جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي.

ان کانپوءِ ان کي آس پاس جي ڄاڻ هجڻ کپي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ملڪ، ملڪ جي ثقافت ۽ رهندڙن ماڻهن جي عقيدي جي باري ۾ ته ڪجهه ڄاڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسانجو نصاب پراڻو آهي، جديد نصاب کانسواءِ سڌارا نه اچي سگهندا. هن چيو ته نيشنل ڪريڪيولم ڪائونسل پاران جوڙيل نصاب ۾ ڪافي ڪمزوريون آهن. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين چيو ته ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ جي اهميت هجڻ گهرجي، اهميت تڏهن ئي ٿيندي جڏهن ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ رکندڙ کي ڪجهه ڄاڻ هوندي. اها ڄاڻ پيدا ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ فرض آهي. هن چيو ته استادن جي سکيا لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل اڪيڊمي قائم ڪئي پئي وڃي. جتي استادن ۽ يونيورسٽي جي انتظامي اهم عهدن تي ويٺلن جي تربيت ڪئي ويندي. هن چيو ته تحقيقي مقالن ڇاپيندڙ ريسرچ جرنلز کان وٺي استادن جي ڀرتي ۽ ترقي جي طريقيڪار ۾ به تبديليون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته شين جي بهتري لاءِ ٿورو وقت ڏنو وڃي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان سهڪار ڪيو وڃي. ڊاڪٽر طارق بنوري چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن وفاقي نه پر قومي ادارو آهي، جنهن ۾ صوبن جي نمائندگي به موجود آهي. هن چيو ته ماضي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وسيلن جو غلط استعمال ٿيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پيا پون. ان موقعي تي ڊاڪٽر طارق بنوري کان حاضرين سوال پڻ ڪيا جن جا هن تفصيل سان جواب ڏنا. پروگرام ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ چئني يونيورسٽين جي پرو وائيس چانسلرس، ڊينز، استادن ۽ تدريسي ۽ انتطامي شعبن جي سربراهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو