دادو ( ن س) نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ دادو پهچي وئي آهي. ملالا يوسفزئي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا، ملالا يوسفزئي جوهي جي رليف ڪيمپس جو دورو به ڪيو. ان موقعي تي ملالا يوسفزئي چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثر عورتن ۾ وڏو انگ ڳورهاري عورتن جو آهي، هنن جي صحت جو گهڻو خيال ڪرڻو پوندو. صحت واري وزير عذرا پيچوهو، تعليم وارو وزير سردار شاهه ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ملالا يوسفزئي کي بريفنگ ڏيندي چيوته اڃا به ڪيئي علائقن ۾ پاڻي موجود آهي، پاڻي جي نيڪال کانپوءِ وڌيڪ سروي ڪري اسڪولن جي نقصانن جي ڪاٿو لڳايو ويندو. هن چيو ته ٻارنهن هزار اسڪولن ۾ ويهه لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي جنهن تي ملالا يوسفزئي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملالا يوسفزئي جي دوري سان سنڌ ۾ انساني بحران جو آواز عالمي سطح تائين پهچندو، ملالا پاران سنڌ جي دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ آهي










