گلاب لغاري(ن سنڌيار)شھرين طرفان مھانگائي وارين شڪايتن تي مختيارڪار ماتلي عبدالڪريم خاصخيلي شھر ۾ پھچي پرچون ڀاڄي گوشت مٺائي ۽ فروٽ وارن دڪانن ۽ ريڙھن تي پھچي روزمرھ جي عام کاڌي وارين شين جا اگهه چيڪ ڪيا انھي موقعي تي مقرر ڪيل اگھن کان وڌيڪ اگھن تي شيون وڪڙندڙ 9 دڪاندارن مٿان ست ھزار پنج سئو روپيا ڏنڊ وجهي بروقت وصول ڪيو جڏهن ته ان کان پھريان گلاب لغاري شھر ڀرسان تاريخي ماڳ اگھم ڪوٽ ۾ پھچي ڊي سي بدين جي ھدايتن تي عبدالرسول شاھ پاران ماڳ جي درگاھن تي ايندڙ زائرين لاء پاڻي واري سبيل کي بحال ڪرائي ڇڏيو.










