مفتي عبدالقيوم جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪار گرفتار

مفتي عبدالقيوم جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ پوليس مفتي عبدالقيوم جي قتل ۾ ملوث هڪ اهلڪار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب مفتي عبدالقيوم جي قتل جو حڪم پوليس انٽيليجنس آفيسر محمد عتيق ڏنو هو. جوابدار پوليس آفيسر عتيق جي تصوير ۽ شناختي دستاويز حاصل ڪيا ويا آهن .اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار عتيق قتل جو واقعو سي سي ٽي وي ڪيمرا تي لائيو ڏسي رهيو هو، مفتي عبدالقيوم کي به جوابدار عتيق جي گهر اڳيان قتل ڪيو ويو ۽ پوليس اهلڪار عتيق قتل کان اڳ جوابدار سان رابطي ۾ هو.پوليس اختيارين موجب جوابدار عتيق کي تازو ئي وفاقي جاچ اداري ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جوابدار عتيق ڪيترن ئي حساس ۽ اهم هنڌن تي ڊيوٽي ڪندو رهيو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار عتيق وڌيڪ 2 ڄڻن جي قتل جي ذميواري ڪرائي تي ڏيڻ وارن کي ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو