فيصل آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عابد شير علي جو چوڻ آهي ته اڄ اسان جو مقابلو عمران خان سان نه، بجلي جي بلن کان شروع ٿي ويو آهي.فيصل آباد ۾ طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي جو چوڻ هو ته 18ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ هئي جنهن کي نواز شريف ختم ڪيو هو، هن وقت به آءِ ايم ايف جو دٻاءُ هيو، اڄ مفتاح اسماعيل جي بيان تي ڏک ٿئي ٿو.عابد شير علي جو ناڻي واري وزير سان مخاطب ٿيندي چوڻ هو ته مفتاح صاحب آفيس کان ٻاهر نڪرو، عمران خان جيڪي معاهدا ڪيا، مفتاح اسماعيل ان تي عمل نه ڪريو، آءِ ايم ايف سان نوان معاهدا ڪيا وڃن.سندس چوڻ هو ته اڄ اسان جو مقابلو عمران خان سان ناهي، بجلي جي بلن سان شروع ٿي ويو آهي، خدارا عوام کي رليف ڏيو، تڪن ۾ وڃڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، عوام کي رليف نه ڏنو ويو ته اسان پاڻ عوام سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿي وينداسين.ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته هن وقت ٻوڏ سان گڏوگڏ بجلي جا بل به ٻوڏ آهن، 200 يونٽ تائين رليف گھٽ آهي.










