خيرپور ناٿن شاھ(وفا معشوق علي کوکر) فريدآباد ۾ شهيد فهد عزيز جوڻيجو اڪيڊمي پاران پي پي ايڇ آءِ سينٽر ۾ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان هڪ ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن جو پي پي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو افتتاح ڪيو . ڪيمپ ۾ ملڪ جا مشهور ڊاڪٽر ابرار احمد جوڻيجو ۔ڊاڪٽر زاهد پيچوهو ۽ ٻين ڊاڪٽرن پاران ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن جي مستحق غريب ماڻهن جي اکين جا آپريشن ڪري لينس لڳائي فري ۾ دوائون ڏنيون ويو ڪاڇي جي غريب ۽ مسڪين هڪ هزار ماڻهن جو چيڪ اپ ڪري نور کان محروم 400 ماڻهن جا آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا. ان موقعي تي پي پي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي ڳوٺن ۾ ڏهه کان وڌيڪ مفت اکين جون ڪيمپون لڳائي چڪا آهيون.










