سکر (امداد علي ڪلوڙ)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نوڪرين ۾ معذور ڪوٽا تي 70 کان 80 سيڪڙو عمل ٿي چڪو آهي.هن ٻڌايو ته 100 سيڪڙو ڊيٽا جمع ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي اسپيشل پرسنز جو وظيفو مقرر ڪري کين هيلٿ ڪارڊ ڏنا ويندا. هن اهڙو اظهار اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهبليٽيشن سينٽر سکر ۾ معذور ٻارڙن ۾ ويل چيئرز ۽ ٻيون طبي شيون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جو خصوصي معاون قاسم نويد قمر، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته سرڪاري نوڪرين سان گڏوگڏ پرائيويٽ ادارن ۾ 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي اسپيشل ايجوڪيشن کاتي کي “امپاورمينٽ آف پرسنس وٿ ڊس ايبلٽيز” نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو قلمدان قاسم نويد قمر کي سونپيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته گهڻي ڀاڱي اسپيشل پرسنز جي ڊيٽا موجود آهي.

معذورن لاءِ وظيفو مقرر ڪرڻ لاءِ فنڊ پڻ رکيا ويا آهن، جڏهن ته کين هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ جو پروگرام پڻ آهي جنهن تحت اسپيشل پرسنز بهترين اسپتالن ۾ مفت علاج ڪرائي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ آرٽسٽڪ سينٽر قائم ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڊي سي سکر کي بلڊنگ مهيا ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غربت گهٽائڻ واري پروگرام هيٺ سڄي سنڌ ۽ خاص طور تي ٿر ۾ عورتن ۽ نون ڄمندڙ ٻارن جي موت جي شرح گهٽائڻ لاءِ وٽامن جون دوائون ورهايون وينديون. صوبائي وزير پروگرام دوران ٽيبلوز ۽ نعت پيش ڪندڙ اسپيشل ٻارڙن لاءِ هڪ لک رپيا انعام جو اعلان پڻ ڪيو. اِن کان اڳ معذورن کي با اختيار بنائڻ واري منصوبي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون قاسم نويد قمر چيو ته سنڌ حڪومت سکر سميت سڄي صوبي ۾ اسپيشل پرسنز جي ڀلائي ۽ بهتري سميت کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ کوڙ ساريون ڪوششون وٺي رهي آهي، اسپيشل پرسنز جو مستقبل سنوارڻ لاءِ نوان مرڪز قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪوشش آهي ته سرڪاري کاتن جي نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي ان لاءِ سڀني کاتن توڙي ادارن جي سهڪار جي ضرورت آهي. ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ سکر ۾ قائم معذورن جي تعليم ۽ بحالي واري مرڪز ۾ ماڊل ڪمپيوٽر ليب ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ 10 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اداري ۾ ڊوڙ يا تقريري مقابلو ڪرائي اُن ۾ ڪامياب اسپيشل نينگريءَ جو نالو ڏنو وڃي ۽ مرڪز سامهون ٺهندڙ نئين روڊ جو نالو اُن اسپيشل ٻارڙيءَ سان منسوب ڪيو ويندو. تقريب کي سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن خالد چاچڙ، اعجاز خواجه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ڊي سي سکر غلام مرتضيٰ شيخ، نصرالله بلوچ، شڪيل ميمڻ، شفيق پيرزادو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










