مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، جوابدارن ارمغان ۽ شيراز تي فرد جرم لاڳو

مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، جوابدارن ارمغان ۽ شيراز تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ شيراز تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت جوابدار ارمغان ۽ شيراز تي فرد جرم لاڳو ڪئي، جڏهن ته جوابدار ڏوهه کان انڪار ڪيو.ملزم پاران ڏوهه کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ، عدالت ايندڙ ٻڌڻي لاءِ استغاثه جي شاهدن کي سمن نوٽيس جاري ڪيا.ان کان علاوه، عدالت ملزم شيراز جي ضمانت جي درخواست به رد ڪري ڇڏي ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو