لاهور (ويب ڊيسڪ)نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي مشهور يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي کي لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، ڊڪي ڀائي خلاف جاچ اڳ ۾ ئي جاري هئي.ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ڊڪي ڀائي جو نالو عارضي قومي سڃاڻپ لسٽ (PNIL) ۾ شامل آهي ۽ هو ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جاچ کي منهن ڏئي رهيو آهي.وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڊڪي ڀائي قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر ايئرپورٽ اختيارين کيس لسٽ ۾ نالو اچڻ کان پوءِ روڪي ڇڏيو.










