مشرف کي لٽڪائڻ واري ڳالهه فيصلو نه پر ريمارڪس آهن؛ نثار کهڙو

مشرف کي لٽڪائڻ واري ڳالهه فيصلو نه پر ريمارڪس آهن؛ نثار کهڙو

سکر (امداد علي ڪلوڙ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ناصر شاهه، سيد اويس شاهه ۽ ٻين پيپلزپارٽي ايم اين اي سيد خورشيد شاهه جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  پرويز مشرف 2007ع ۾ ايمرجنسي لڳائي ته عمران خان کيس غدار قرار ڏنو هو، وزيراعظم عمران خان هيل تائين سوين يوٽرن وٺي چڪو آهي. پريس ڪانفرنس دوران پ پ اڳواڻن چيو ته ملاقاتن جو مقصد 12 سالن کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ انتظامن جي حوالي سان جائزو وٺڻ آهي، راولپنڊي ۾ اسان پنهنجي ليڊر کي وڃايو هو، شهيد بينظير ڀٽو اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني آهي. 27 ڊسمبر تي اُنهي لياقت باغ ۾ وڃي شهيد کي ڀيٽا پيش ڪنداسين، جتي کيس اسان کان کسيو ويو هو. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته وزيراعظم عمران خان هڪ ٻيو يوٽرن ورتو آهي، عوام کائنس پُڇي رهيو آهي ته هو ملائيشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڇو نه ويو؟ هيل تائين عمران خان سوين يوٽرن وٺي چڪو آهي. هُن تنقيد ڪندي چيو ته پرويز مشرف پاڻ پنهنجي حڪومت تي ايمرجنسي لڳائي هئي، سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف لاءِ خصوصي عدالت جيڪو فيصلو ڏنو آهي، اُن ۾ ٻن ججز حمايت ۽ هڪ جج اختلاف ڪيو آهي. نثار کهڙو چيو ته ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ واري ڳالهه فيصلو نه، ريمارڪس آهن، پرويز مشرف 2007ع ۾ ايمرجنسي لڳائي ته عمران خان کيس غدار قرار ڏنو هو، آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو معاملو اڃا تائين سامهون نه آيو آهي، جڏهن حڪومت معاملو پارليامينٽ ۾ آڻيندي ته پيپلز پارٽي پنهنجو موقف پيش ڪندي. ان کان اڳ سکر ۾ اجلاس دوران 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ جلسي جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اعجاز جکراڻي، حاجي انور خان مهر، وقار مهدي سميت ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو