راولپنڊي (پ ر) جنرل (ر) پرويز مشرف غدار ناهي، عدالتي فيصلي تي پاڪ فوج کي سخت تڪليف ۽ ڏک پهتو آهي. فوجي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي جنرل (ر) پرويز مشرف آرمي چيف رهيو، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي رهيو هن ملڪ لاءِ 40 سال خدمت ڪئي ملڪي دفاع لاءِ جنگيون وڙهيون، جيڪو يقيني طور تي غدار نٿو ٿي سگهي. خصوصي عدالت جي تشڪيل ۾ قانوني تقاضائن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، هن کي دفاع جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، عدالت جلد بازي ۾ شخصي بنياد تي فيصلو ڪيو آهي. پاڪ فوج توقع ڪري ٿي انصاف جي تقاضا آئين موجب پوري ڪئي وڃي. خصوصي عدالت پاران پرويز مشرف کي غدار قرار ڏيندي آئين معطل ڪرڻ ۽ ججن کي نظر بند ڪرڻ جي الزام ۾ موت جي سزا ڏيڻ جي فيصلي بعد فوجي قيادت جي اهم اجلاس بعد جاري ڪيل بيان ۾ فوج پنهنجي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.










