گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڄام ھائوس عادلپور ۾ پهچي صوبائي وزير اڪرام الله خان ڌاريجو سان سندس ماءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته ماءُ جو خال شايد ئي ڪير ڀري مون کي احساس آهي ته ماءُ جي ڪمي ڇا ٿيندي آهي مرحومه کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ڄام ڀائر هر دور ۾ پ پ جو ساٿ ڏنو آهي سندن ڪاوشون ساراھ جوڳيون آهن. ان موقعي تي سنڌ يار سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پرويز مشرف خلاف عدالتي فيصلو تاريخي آهي هن چيو ته جيڪو هر هر آئين ٽوڙيندو ان جو احتساب ته ٿيندو. مشرف سنگين غداري ڪيس عدالتي فيصلو جمهوريت جي فتح آهي اهڙو فيصلو ماضي ۾ ڪڏهن نه آيو ان فيصلي سان جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ آئنده ڪو به آمر آئين ٽوڙي نه سگهندو نه ئي راتاهون هڻي سسٽم ڊي ريل ڪندو. هن چيو ته اوهان کي ياد هوندو ته مون 2007 ۾ پهرين ئي چيو هو ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي اهو جمهوريت جي بحالي لاءِ پهريون قدم آهي اسان اڳتي به عدالتي فيصلن مان سٺي اميد رکي سگهون ٿا. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڪيس ۽ اڪبر بگٽي قتل ڪيس اڃان به تائين التوا جو شڪار آهن جنهن جي پڻ عدالتن مان سٺي فيصلن جي اميد آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سياسي قيدين خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل هئا پر ڪو به ثابت ناهي ٿيو پر ان باوجود به هو جيلن ۾ قيد هئا جڏهن ته اهڙو ڪو به قانون ناهي جتي بغير ڪنهن ڪيس ثابت ٿيڻ جي ڪنهن کي جيلن ۾ قيد ڪري رکجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن جي خلاف ناهيون نه ئي ڪنهن سان ڪو ذاتي تضاد آهي جيڪو غلط ڪندو ان ڪي خلاف آواز اٿاريندا سين وزير اعظم جي ڪارڪردگي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزير اعظم نه ئي اڳ ۾ سنجيده هيو ۽ نه هينئر آهي ڇو جو وزير اعظم سال ۾ ڪا به هڪ قانونسازي ناهي ڪري سگهيو جيڪا سندس جي سنجيدگي ۽ ڪارڪردگي ظاهر ڪري ٿي. ان موقعي تي ساڻس صوبائي وزير ناصر شاھ، ميمبر قومي اسيمبلي خالد احمد لنڊ، فياض احمد خان، بابر لنڊ مير احسان سندراڻي، طالب عباسي، پ پ اڳواڻ سڪندر علي لاکو پڻ ساڻس گڏ هئا. واضح رهي ته ڄام هائوس عادلپور ۾ ڄام ڀائرن سان سندن ماءُ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ ۽ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ بعد پ پ چيئرمين خانڳڙھ طرف روانو ٿي ويو جتي ممڪن آهي ته يو اي اِي جي وزير تعليم ۽ ميمبر قومي اسيمبلي سردار محمد بخش مهر سان پڻ ملاقات ڪندو. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مهر ڀائرن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۽ ناراضگين کي ختم ڪرڻ لاءِ يو اي اِي کان آيل نمائندو ٽياڪڙي ڪرائي سندن ناراضگيون ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو جنهن کانپوءِ ايندڙ بلدياتي اليڪشن لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو.










