مسڪين مارن جا اجها  ڊهي پٽ،تباهي،متاثرن جو احتجاجي مظاهرو

مسڪين مارن جا اجها ڊهي پٽ،تباهي،متاثرن جو احتجاجي مظاهرو

ٺڪراٺو (ن سنڌيار) ٺڪراٺو لڳ يوسي روپهر ، جوڻاس ۽ نارو همٿر وٽان گذرندڙ ڪارو نارو علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي هڪ ته برساتي پاڻي ٻيو وري ڪاري ناري ۾ پنجاب جي شهر سنجر پور کان وٺي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي جنهن سبب اوور فلو ٿيڻ سبب سوين ڳوٺن جي گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو ماڻھون گهر ڇڏي روڊن تي اچي ويا هن مهل تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا سيڊا ۽ ايريگيشن جي ڊپارٽمنٽ پاران ڪي جوڳا اپاء وٺي ناري جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ، انتظاميا جي لاپرواهي خلاف سماجي ڪارڪن حاجن مهر ۽ يوسي روپهر جي چونڊيل چيرمين نصير فقير مهر ، جان محمد ، امان الله ۽ ٻين پنوعاقل لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو انهن ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته اسان بي گهر ٿي ويا ين اسان جو چوپايو مال مري ويو پر هيڏي وڏي تباهي تي به ضلعي انتظاميا ۽ تعلقي ايڊمنسٽيٽر جي ڪن تي جونء به نه چري اهي صرف پنهنجي من پسند ماڻھن لاء آهن غريب ۽ مسڪين ماڻھون بي سهارا آهن هن هيڏي وڏي علائقي ۾ لڙي به ناهن آيا هوڏانهن ڪاري ناري جي صفائي ۽ پاڻي نيڪال ڪرڻ سيڊا ۽ ايريگيشن جو ڪم آهي پر انهن طرفان به ڪي اپاء ناهن ورتا جنهنڪري اڃان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي ، ڪاري ناري جي پاڻي سبب ٿيل تباهي جا متاثر پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ زندگي گذارڻ لڳا مارون ماڻهن جو مال پڻ مرڻ لڳو پر تعلقي توڙي ضلعي انتظاميا سار نه لڌي ايريگيشن توڙي سيڊا پاران به ڪاري ناري پاران ڪيل تباهي تي ڌيان ڌريو ، ڪاري ناري پاران ڪيل تباهي جي متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سنڌ سرڪار ۽ وس وارن کان اپيل ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪري اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو