مسجد مان بيٽري ۽ ڪرياني جي دوڪان مان چوري

مسجد مان بيٽري ۽ ڪرياني جي دوڪان مان چوري

خيرپور ناٿن شاھ(وفا معشوق علي کوکر) ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جکرو ساريو مان رات دير سان نامعلوم چور ذوالفقار علي ساريو جي ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوڙي سمورو سامان ٻھاري ويا . ياد رهي ته نامعلوم چور ڪجھه ڏينهن اڳ شھر ۾ جمع نماز پڙهائيندڙ واجد نائچ ۽ سچل ڪولاچي جون موٽرسائيڪلون ۽ ڳوٺ لال بخش خاصخيلي جي جامع مسجد مان بيٽري ۽ يوپي ايس پڻ چوري ڪري ويا هئا. ڪڪڙ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻجي وئي آهي ، علائقي واسين پاران ايس ايس پي دادو کان ڪڪڙ ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويوآهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو