ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا نومبر ۾ ٿيندڙ مس يونيورس حسن جي مقابلي لاءِ پنهنجي نمائندي جو انتخاب ڪري ورتو آهي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقابلو هڪ اهڙي عورت کٽيو آهي، جيڪا شادي شده ۽ ٻارن جي ماءُ آهي.
ورجينيا سان تعلق رکندڙ جسٽَس ڪيلي جمعي ڏينهن ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ تقريب دوران تاج پنهنجي نالي ڪيو. 31 ورهين جي ڪيلي هن مقابلي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي عمر واري فاتح پڻ بڻجي وئي آهي. گذريل سال جي فاتح آڊري ايڪرٽ پنهنجي جانشين کي تاج پارايو.
ڪجهه سال اڳ تائين ڪيلي جهڙي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ عورت کي شادي شده هجڻ ۽ ٻارن جي ماءُ هجڻ سبب مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي هئي. ان کان علاوه عمر جي به سخت حد مقرر هئي ۽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي عمر 18 کان 28 ورهين جي وچ ۾ هجڻ لازمي هئي.
شادي شده عورتن ۽ مائرن تي لاڳو پابندين وارن قاعدن ۾ 2023ع ۾ ترميم ڪئي وئي، جڏهن ته عمر جي حد 2024ع ۾ ختم ڪئي وئي.
ڪيلي پنهنجي مڙس ٽائلر سان گڏ لائسنس يافته فوسٽر پيرنٽ آهي ۽ هن وقت سندن گهر ۾ هڪ ننڍڙو ٻار ۽ سندس ڀيڻ فوسٽر ڪيئر تحت سندن سنڀال ۾ آهن.
گذريل هفتي ڪيلي ان وقت خبرن ۾ آئي، جڏهن کيس ايئرپورٽ تي پنهنجو سامان ڪچري جي ٿيلهين ۾ کڻي ويندي ڏٺو ويو. هن وضاحت ڪئي ته اهو انهن ڪيترن ئي فوسٽر ٻارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هو، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ آيا ۽ پنهنجو سامان اهڙي ئي نموني ٿيلهين ۾ کڻي ايندا هئا.
حسن جي راڻي ڪيلي فوسٽر فوٽ پرنٽس نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي آهي ۽ ان کي هلائي ٿي، جيڪا سندس علائقي جي فوسٽر ڪيئر نظام ۾ شامل نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي.
هن هفتي ڪيلي جي تاج ماڻڻ کان اڳ، ميري ليونا گيج 1957ع ۾ مس يو ايس اي بڻي هئي. هوءَ پڻ شادي شده ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، پر اها ڳالهه سامهون اچڻ کان پوءِ کانئس تاج واپس ورتو ويو هو.
هاڻي مس يو ايس اي جو تاج ماڻيندڙ ڪيلي هن سال جي آخر ۾ پورٽو ريڪو ويندي، جتي 24 نومبر تي ايندڙ مس يونيورس جو تاج پارايو ويندو. اتي سندس مقابلو دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل عورتن سان ٿيندو، جن ۾ پاڪستان جي مصباح ارشد پڻ شامل آهي، جنهن کي 19 آگسٽ تي پاڪستان جي نمائندگي لاءِ چونڊيو ويو هو.










