لاهور (بيورو رپورٽ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد پنجاب جي وڏي وزير جي تبديلي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، اپوزيشن کي اين آر او نه ڏنو ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته عثمان بزدار ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، عمران خان عثمان بزدار سان گڏ بيٺل آهي. اڃان ته عثمان بزدار کان ثبوت گهريا ويا آهن اڃان ان تي الزام ناهي لڳو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مريم نواز نيب تي پٿراءُ ڪري پنهنجي زمينن تان ڌيان هٽائڻ چاهيو پئي، شيخ رشيد چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي اچي وئي آهي. عمران خان جا 3 سال مڪمل ٿيندي ئي ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿي ويندو، هن چيو ته اپوزيشن کي اين آر او نه ڏنو ويندو، مريم نواز شريف شهباز شريف کي باءِ پاس ڪري ڇڏيو آهي، فضل الرحمان کي هن ڀيري به استعمال ڪيو پيو وڃي، عثمان بزدار تي عمران خان جو هٿ آهي، جيستائين عمران خان آهي اوستائين عثمان بزدار کي ڪجهه نه ٿيندو.










