اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته مريم اورنگزيب ۽ راڻا ثناءُ الله آرٽيڪل 68 جي ڀڃڪڙي ڪئي، ٻنهي التوا واري ڪيس کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مريم اورنگزيب ۽ راڻا ثناءُ الله کي توهين عدالت جي الزام ۾ سپريم ڪورٽ طلب ڪري سگهي ٿي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مريم اورنگزيب ۽ راڻا ثناءَ کي قانوني طور نااهل ڪيو وڃي.










